سيد مير لطف الله سيوستاني

سيد مير لطف الله سيوستاني : سيد مير لطف الله، شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي اولاد مان هڪ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي، هو پنهنجي علم ۽ قابليت جي ڪري ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ پهرين سنڌ پاران دهليءَ جي درٻار ۾ سفير ٿي رهيو ۽ پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ اعلى مقام ماڻيائين. بخت ۽ دولت واري زماني ۾ ساداتن ۽ علمائن جي خدمت ۽ ڪمن ڪارين کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏيندو هو. عام ۽ خاص سان سندس سهڻو سلوڪ رهيو، جنهنڪري سنڌ ۽ هند ۾ وڏو نالو ڇڏيائين. آخري وقت ۾ سيوهڻ جو قاضي مقرر ٿيو، ٺٽي جي مشهور شاعر محمد پناهه ’رجا‘ ٺٽوي گھڻي ڄمار سندس نوڪريءَ ۾ رهي انعام ۽ اڪرام حاصل ڪيا ۽ ڏاڍي آبروءَ سان گذاريائين. سيد مير لطف الله سيوهاڻيءَ سن 1160هه ۾ وفات ڪئي. سندس تربت سيوهڻ ۾ آهي، قبرستان جي زبون حالت سبب پورو پتو نه ٿو پوي ته سندس قبر ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو